دي فرسٽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري آف سائنس

دي فرسٽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري آف سائنس: مختلف سائنسي شعبن تي مشتمل هن انگريزي – سنڌي ڊڪشنريءَ کي اي. ڪيو انصاريءَ ۽ ايم. واءِ پنهور ترتيب ڏنو آهي. هن لغت ۾ ايگريڪلچرل ايڪنامڪس، ايگريڪلچرل انجنيئرنگ، ايگريڪلچرل (زراعت)، اينيمل هسبنڊري، بائيو ڪيمسٽري، باٽني، جينيٽڪس، جيومارفالوجي، هارٽيڪلچر، مائيڪرو بائلاجي، فزيالوجي، ويٽرينري سائنس ۽ زولاجي ۾ استعمال ٿيندڙ انگريزي لفظن، اصطلاحن ۽ مخففن جي سنڌي معنى ۽ وضاحت بيان ڪيل آهي. A کان Z تائين هيءُ هڪ جلدي ڊڪشنري ڊبل ڪرائون سائيز ۾ آهي. هن ڊڪشنريءَ جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ’سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام‘ طرفان شايع ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو